ڪراچي-10 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪابينا توانائي جي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ صوبي ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو منصوبي سان گڏوگڏ گورننس، معيشت، سماجي تحفظ ۽ تعليم بابت ڪيترن ئي سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس …
سنڌ ڪابينا توانائي جي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ صوبي ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو منصوبي سان گڏوگڏ گورننس، معيشت، سماجي تحفظ ۽ تعليم بابت ڪيترن ئي سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
ڪراچي-10 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪابينا توانائي جي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ صوبي ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو منصوبي سان گڏوگڏ گورننس، معيشت، سماجي تحفظ ۽ تعليم بابت ڪيترن ئي سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. هن چيو ته ڪابينا 23 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪندي مالي نظم و ضبط، ٻارڻ جي بچت، تعليمي سڌارن، عورتن جي حقن، زراعت، صحت ۽ اداري جي مضبوطي بابت قدمن جي منظوري ڏني. ڪابينا عوامي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ توانائي جي وسيلن جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو مهم شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن جو مقصد موجوده معاشي دٻاءُ ۽ عالمي تيل جي منڊين ۾ غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سرڪاري کاتن ۽ عوامي ادارن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي، آپريشنل ايڊجسٽمنٽس ۽ ٻارڻ جي بچت بابت قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ڪفايت شعاري منصوبي تحت حڪومت سرڪاري گاڏين لاءِ پيٽرول جي فراهمي ۾ ٻن مهينن لاءِ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان لڳ ڀڳ 960.55 ملين روپين جي بچت جو امڪان آهي، جڏهن ته ايمبولينسن، بسن ۽ هنگامي خدمتن جهڙين آپريشنل گاڏين کي ان پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي. ان کان علاوه سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون ايندڙ ٻن مهينن تائين بند رهنديون، جڏهن ته کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته آفيسرن وچ ۾ ڪار شيئرنگ (گڏيل سواري) کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي اچي سگهي. معاشي دٻاءُ دوران عوام سان ٻڌيءَ جي اظهار طور صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن رضاڪاراڻي طور اپريل، مئي ۽ جون جي ٽن مهينن لاءِ پنهنجون پگهارون ۽ الائونسز نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ئي عرصي دوران صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو رضاڪاراڻي طور گهٽتائي جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪابينا جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويندو. گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جا اهي سينئر سرڪاري آفيسر جيڪي ماهوار ٽن لک روپين کان وڌيڪ پگهار کڻن ٿا انهن کي پڻ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن کانسواءِ رضاڪاراڻي طور تي ٻن ڏينهن جي پگهار ڇڏڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. ڪابينا موجوده مالي سال جي آخري ٽه ماهي لاءِ غير ضروري حڪومتي خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جي منظوري پڻ ڏني آهي، پر بجلي جي بلن ۽ دوائن جي خريداري کي ان کان ڇوٽ هوندي، ان قدم سان 12 ارب روپين کان وڌيڪ جي بچت جو امڪان آهي. نئين سرڪاري گاڏين ۽ ٻين سرڪاري پائيدار شين جي خريداري تي جون 2026ع تائين مڪمل پابندي برقرار رهندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سامان جي خريداري صرف لاڳاپيل اختيارين جي جاچ پڙتال کانپوءِ ئي ممڪن ٿي سگهندي. حڪومت اڻ وڻندڙ حالتن کانسواءِ سرڪاري پرڏيهي دورن تي پڻ پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سرڪاري دورن تي ويندڙ وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪرڻو پوندو. اهڙي طرح سرڪاري عشائين (رات جي ماني) ۽ وڏين رسمي تقريبن تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي، پر پرڏيهي وفدن جي اعزاز ۾ آجياڻي واريون تقريبون ان مان مستثنيٰ هونديون. سرڪاري کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سفري ۽ رهائشي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ اجلاس ورچوئل يا آن لائن پليٽ فارمز ذريعي منعقد ڪيو وڃي.سفر جي ڪري پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ حڪومت ضروري خدمتن کانسواءِ عملي جي 50 سيڪڙو تائين کي متبادل ڏينهن تي گهر تان ڪم (ورڪ فرام هوم) جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ۽ نجي شعبي جي آفيسن ۾ چار ڏينهن وارو ورڪ ويڪ (ڪم وارو هفتو) پڻ لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته ضرورت موجب ڪم جي ڪلاڪن ۾ تبديلي ڪئي ويندي. پر اهي قدم بينڪنگ شعبي، صنعت ۽ زراعت تي لاڳو نه ٿيندا ۽ اهي شعبا معمول موجب ڪم جاري رکندا. پيٽرول بچايو منصوبي تحت اسڪولن ۾ 16 مارچ کان 31 مارچ تائين بهار جون موڪلون هونديون، جڏهن ته ان عرصي دوران ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سو سيڪڙو آن لائن ڪلاسز ورتا ويندا. حڪومت پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ وڌيڪ عوامي قدم پڻ کنيا آهن. روڊن تي رفتار جي حد گهٽ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت موٽرويز تي رفتار 90 کان 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ شاهراهن تي 65 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت شادي جي تقريبن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ مهمانن جو تعداد 200 تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ون ڊش قانون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. صوبائي حڪومت پيٽروليم شين جي ذخيري اندوزي ۽ غير قانوني اسٽاڪ جي روڪٿام لاءِ نگراني واري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي. توانائي کاتو، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (او جي آر اي) ۽ توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) سان رابطي ۾ آهي ته جيئن سڄي سنڌ ۾ ٻارڻ جي مستحڪم فراهمي ۽ ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو باقاعدگي سان معائنو ڪن، پيٽروليم شين جي غير قانوني ذخيري خلاف سخت نگراني رکن ۽ ذخيرو اندوزن خلاف ڪارروائي ڪن. وڏي وزير چيو ته ڪفايت شعاري مهم جو مقصد مالي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ، ٻارڻ جي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ ۽ موجوده علائقائي توڻي عالمي توانائي جي غير يقيني صورتحال دوران معاشي استحڪام برقرار رکڻ آهي. ڪابينا ”اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم“ پاليسي جي به منظوري ڏني، جيڪو ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ قدم آهي ۽ ان جو مقصد شاگردن جي غير حاضري ۽ اسڪول ڇڏڻ جي وڌندڙ شرح کي گهٽائڻ آهي. هن پاليسي تحت موبائل ايپليڪيشن ۽ ڊجيٽل ڊيش بورڊ متعارف ڪرايو ويندو جنهن ذريعي سنڌ جي تعليم کاتي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ تعليمي انتظامي ادارن جي نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن ۾ داخلائن ۽ روزاني حاضري جي نگراني ڪئي ويندي. هي نظام حاضري تي اثر انداز ٿيندڙ سببن جي نشاندهي پڻ ڪندو ۽ انهن جي حل لاءِ مشاورت ۽ هم عمر شاگردن جي مدد جهڙا قدم متعارف ڪرائيندو. اميد آهي ته هي پروگرام هڪ سال اندر سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. ڪاروباري برادري سان مشاورت کانپوءِ ڪابينا ”سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس (سيڪنڊ ترميمي) ايڪٽ 2026ع“ ۽ نظرثاني ٿيل سيٽلمنٽ ايگريمينٽ (مارچ 2026ع) جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن جو مقصد سيس جي اوڳاڙي ۽ استعمال واري نظام کي اثرائتو بڻائڻ آهي، جنهن ذريعي صوبي ۾ صنعتي ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ سار سنڀال جي منصوبن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي. ڪڻڪ جي فراهمي ۽ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ ڪابينا ڪڻڪ جاري ڪرڻ واري پاليسي جو دائرو وڌائي فلور ملن ۽ چڪين سان گڏ نجي واپارين تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني. هن پاليسي تحت لائيسنس يافته واپارين کي حڪومت جي مقرر ڪيل قيمت 8000 رپيا في 100 ڪلوگرام ٻوري جي حساب سان ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي. هن وقت لڳ ڀڳ 300115 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جاري ڪرڻ لاءِ موجود آهي، جنهن مان 30.398 ارب رپين جي وڪري جو امڪان آهي ۽ صوبي جي 109.405 ارب رپين جي ڪڻڪ واري قرض ۾ گهٽتائي ۾ مدد ملندي. ڪابينا اقليتي حقن لاءِ قومي ڪميشن لاءِ سنڌ جي نامزدگين کي حتمي شڪل ڏيندي ڊاڪٽر راڪيش موٽياڻي ۽ مس تشنامائٽي پٽيل کي صوبائي نمائندن طور تجويز ڪيو. بلدياتي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهيد بينظير آباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ انتظامي سڌارن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن تحت لوڪل گورنمنٽ ۽ فنانس ڊپارٽمينٽس جي باقاعده نمائندگي شامل ڪئي ويندي ته جيئن احتساب ۽ گورننس کي بهتر بڻائي سگهجي. ڪابينا ملير ضلعي جي تعلقي ابراهيم حيدري جي ديهه کائونٽو ۾ حسن سليمان ميموريل اسپتال سان لاڳاپيل نرسنگ اسڪول جي قيام لاءِ چار ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ اسپتال جي تعمير هيٺ عمارت جي ايراضي ۾ 250000 چورس فوٽن کان وڌائي 325000 چورس فوٽن تائين واڌ ۽ تعميراتي خرچن ۾ اضافي جي ڪري ڪابينا اسپتال لاءِ 7.6 ملين ڊالر (لڳ ڀڳ 2.14 ارب رپيا) جي مالي مدد جي پڻ منظوري ڏني. قومي شاهراهه اين – 5 تي واقع هي 312 بسترن تي ٻڌل جديد طبي سهولتن واري اسپتال ڪراچي ۽ ويجهن ضلعن جي رهواسين کي خاص طبي خدمتون فراهم ڪندي. وڏي وزير چيو ته اها فنڊنگ مالي سال 27-2026ع کان جاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ حسن سليمان فائونڊيشن پاران به برابر جو مالي تعاون فراهم ڪيو وڃي. ڪابينا عالمي محنت واري تنظيم جي فني سهڪار سان تيار ڪيل ”سنڌ وومين ايگريڪلچرل ورڪرز رولز 2026ع“ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن قاعدن تحت زراعت، مال، پورهئي (لائيو اسٽاڪ) ۽ ماهيگيري جي شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي باضابطه طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ کين برابر جي اجرت، ويم (زچگي) جون سهولتون ۽ هراسان ڪرڻ توڻي امتيازي سلوڪ خلاف تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ڪابينا عورت زرعي ورڪرن جي رجسٽريشن لاءِ ”بينظير وومن ايگريڪلچرل ورڪر ڪارڊ“ جاري ڪرڻ ۽ عورت زرعي ورڪرن جي مدد لاءِ ”انڊومينٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني، جنهن لاءِ شروعاتي طور تي 500 ملين رپيا رکيا ويندا. ڪابينا ”اسپيشل اڪنامڪ زونز ايڪٽ 2012ع“ ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي به غور ڪيو جيڪي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل پاران پيش ڪيون ويون هيون. سنڌ حڪومت ”ايگزيڪيوٽو زونز“ يا ”ايگزيڪيوٽو اين او سيز“ جي تجويزن جي باضابطه مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اهڙا قدم صوبائي اختيار ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي نظرانداز ڪن ٿا، جيڪي پاڪستان جي آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ جوڙيل آئيني ڍانچي جي خلاف آهن، تنهن هوندي به ڪابينا سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌائڻ ۽ تڪرارن کي ٽن مهينن اندر حل ڪرڻ لاءِ ”اسپيشل اڪنامڪ زونز اپيليٽ ٽربيونل“ جي قيام جي حمايت ڪئي. ڪابينا اهم ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترين ئي مقررين ۽ واڌ جي منظوري ڏني، جن ۾ جسٽس (رٽائرڊ) ارشاد علي شاهه کي سنڌ روينيو بورڊ اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس ايڪٽ 2025ع جي لاڳو عٿيڻ کانپوءِ عبدالرحيم شيخ کي سنڌ روينيو بورڊ ۾ ميمبر (زرعي آمدني ٽيڪس) مقرر ڪيو ويو. علي احمد الله والا کي ”دي انڪلوسيو سٽي“ قدمن جي بورڊ ۾ آزاد ڊائريڪٽر نامزد ڪيو ويو. پروفيسر سيد جمال رضا کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونٽولوجي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور ٻن سالن جي واڌ ڏني وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر درِ ناز جمال کي سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي جي سيڪريٽري طور ٻن سالن جي واڌ ڏني وئي. ڪابينا دهشتگردي ٽوڙ عدالتن لاءِ پريزائڊنگ آفيسرن جي مقرري جي به منظوري ڏني، جنهن تحت ايڊووڪيٽ ارشاد ڌاريجو کي اي ٽي سي ڪشمور (ڪنڌڪوٽ)، ايڊووڪيٽ اعجاز چانڊيو کي اي ٽي سي نوشهرو فيروز ۽ اياز حسين مري کي اي ٽي سي دادو لاءِ مقرر ڪيو ويو. اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪفايت شعاري قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ٻارڻ (فيول) جي ذخيري اندوزي خلاف سخت نگراني برقرار رکي وڃي ۽ ڪابينا جي فيصلن تي اثرائتي عملدرآمد ذريعي صوبي ۾ معاشي استحڪام ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل انتظامي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.











