حڪومت پاران ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت لاءِ هفتيوار اضافي موڪل جمعي ڏينهن ڪرڻ جو فيصلو، حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته عالمي حالتن جي باوجود معيشت کي مستحڪم رکيو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت جي لاءِ هفتيوار اضافي موڪل جمعي جي ڏينهن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سموريون وفاقي وزارتون ۽ ڊويزنز ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ورڪ فورس مئنيجمينٽ جي حوالي سان روزاني ۽ هفتيوار رپورٽ جمع ڪرائينديون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي …

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت جي لاءِ هفتيوار اضافي موڪل جمعي جي ڏينهن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سموريون وفاقي وزارتون ۽ ڊويزنز ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ورڪ فورس مئنيجمينٽ جي حوالي سان روزاني ۽ هفتيوار رپورٽ جمع ڪرائينديون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته عالمي حالتن جي باوجود معيشت کي مستحڪم رکيو وڃي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان قدمن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي، سموريون وزارتون ۽ ادارا ڪفايت شعاري تحت بند ڪيل گاڏين جون تصويرون ڪابينا ڊويزن کي موڪلين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت جي حوالي سان حڪومت جي اعلان ڪيل قدمن جي لاڳو تي جائزه اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هفتيوار اضافي موڪل جمعي جي ڏينهن ڪئي ويندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته عالمي حالتن جي باوجود معيشت کي مستحڪم رکيو وڃي. هن چيو ته ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت جي حوالي سان حڪومت جي اعلان ڪيل قدمن تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي قيادت هيٺ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا روزاني جي بنياد تي قدمن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي. هن هدايت ڪئي ته ڪفايت شعاري جي حوالي سان کنيل قدمن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي ته جيئن ان جي ڪري ٿيندڙ اثرن کي جانچي سگهجي. وزيراعظم سمورين وزارتن ۽ ڊويزنز کي سادگي، ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت جي حوالي سان قدمن کي ڀرپور طريقي سان لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سموريون وزارتون ۽ ادارا ڪفايت شعاري تحت بند ڪيل گاڏين جون تصويرون ڪابينا ڊويزن کي موڪلين. هن چيو ته ورڪ فرام هوم کي موثر بڻائڻ جي حوالي سان هر وزارت پنهنجي رپورٽ وزيراعظم آفيس موڪليندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سموريون وزارتون ۽ ڊويزنز ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ورڪ فورس مئنيجمينٽ جي حوالي سان روزاني ۽ هفتيوار رپورٽ ڪميٽي کي جمع ڪرائينديون.

مزید خبریں