اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ زبان تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام کي آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت جو شديد ڏک آهي، هن مشڪل وقت ۾ ايران جي قيادت ۽ عوام سان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلامي جمهوريه ايران سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ، هن مشڪل وقت ۾ ايران جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون: وزيراعظم جو رهبر معظم مجتبيٰ خامنه اي جي نالي خط

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ زبان تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام کي آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت جو شديد ڏک آهي، هن مشڪل وقت ۾ ايران جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايران جي رهبر معظم مجتبيٰ خامنه اي جي نالي خط ۾ سندس والد ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ کيس سپريم ليڊر جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم ايران جي ڀائر عوام ۽ وسيع تر مسلمان امت جي لاءِ پاڪستاني عوام جي تعزيت ۽ دعائن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت جي ڪري پاڪستاني عوام شديد ڏک ۾ آهي ۽ هن مشڪل وقت ۾ ايران جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ان اهم ذميواري کي سنڀالڻ تي رهبر معظم مجتبيٰ خامنه اي کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ايندڙ سالن ۾ امن، استحڪام، وقار ۽ خوشحالي طرف ايران جي رهنمائي ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ زبان تي ٻڌل آهن. هن اسلامي جمهوريه ايران سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻنهي ڀائر ملڪن جي مفاد جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي. پنهنجي خط ۾ وزيراعظم رهبر معظم مجتبيٰ خامنه اي جي صحت ۽ ڪاميابي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي ڀائر عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











