اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آيت الله مجتبيٰ خامنه اي کي اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو آيت الله مجتبيٰ خامنه اي کي اها اهم ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته هو پاڪستان جي عوام پاران آيت الله علي خامنه …
وزيراعظم شهباز شريف پاران آيت الله مجتبيٰ خامنه اي کي اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آيت الله مجتبيٰ خامنه اي کي اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو آيت الله مجتبيٰ خامنه اي کي اها اهم ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته هو پاڪستان جي عوام پاران آيت الله علي خامنه اي ۽ ٻين گهرڀاتين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دلي تعزيت ۽ دعائن جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي قيادت ۾ ايران کي ايندڙ سالن ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪندو.











