پاڪستان پاران لبنان جي خلاف اسرائيل جي مسلسل فوجي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي مسلسل فوجي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوين شهرين جي مارجڻ ۽ اٽڪل 50 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. پريهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدم  عالمي قانونن جي خلاف آهن، اهي لبنان ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لبناني …

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي مسلسل فوجي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوين شهرين جي مارجڻ ۽ اٽڪل 50 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. پريهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدم  عالمي قانونن جي خلاف آهن، اهي لبنان ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لبناني حڪومت جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ ان سان خطي ۾ جاري سلامتي ۽ انساني بحران وڌيڪ وڌڻ جو خطرو آهي. بيان ۾ عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيلي فوجي جارحيت، شهرين کي بنا فرق نشانو بڻائڻ ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مسلسل خلاف ورزين جي خاتمي جي لاءِ فوري قدم کڻي. پاڪستان اسرائيل کان سمورن والاريل لبناني علائقن مان فوري، مڪمل ۽ غيرمشروط انخلا جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان جارحيت جي ڏس ۾ لبنان جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ هو لبنان ۽ وسيع خطي جي پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں