اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت هفتي ۾ چار ڏينهن ورڪنگ ڊي جي اعلان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سومر، اڱارو، اربع ۽ خميس ڏينهن آفيسون کوليون وينديون جڏهن ته جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي آفيسن ۾ موڪل هوندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سمورن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي ادارن ۾ گريڊ 20 يا 3 لک رپين کان وڌيڪ پگهار وصول ڪندڙ آفيسرن کي رضاڪاراڻي …
وفاقي حڪومت پاران هفتي ۾ چار ڏينهن ورڪنگ ڊي جي اعلان جو نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت هفتي ۾ چار ڏينهن ورڪنگ ڊي جي اعلان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سومر، اڱارو، اربع ۽ خميس ڏينهن آفيسون کوليون وينديون جڏهن ته جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي آفيسن ۾ موڪل هوندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سمورن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي ادارن ۾ گريڊ 20 يا 3 لک رپين کان وڌيڪ پگهار وصول ڪندڙ آفيسرن کي رضاڪاراڻي طور تي 2 ڏينهن جي پگهار جي ڪٽوتي جي هدايت ڪئي وئي آهي. پگهارن ۾ ڪٽوتي جو لاڳو صحت ۽ تعليم جي شعبي تي نه هوندو. نوٽيفڪيشن وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف پاران گذريل ڏينهن اعلان ڪيل ڪفايت شعاري پئڪيج جي سلسلي ۾ جاري ڪيو ويو آهي.











