پرڏيهي پاليسيءَ تي تبصرو ڪندي آئين ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکيو وڃي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ ايٽمي رياست آهي، ان لاءِ عوام ۽ ميڊيا کي عالمي معاملن خاص ڪري پرڏيهي پاليسيءَ تي راءِ جو اظهار ڏيڻ وقت آئين ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي …

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ ايٽمي رياست آهي، ان لاءِ عوام ۽ ميڊيا کي عالمي معاملن خاص ڪري پرڏيهي پاليسيءَ تي راءِ جو اظهار ڏيڻ وقت آئين ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران هميشه متوازن ۽ ذميواراڻو مؤقف اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن به عالمي يا علائقائي سطح تي ڪو واقعو پيش آيو، پاڪستان سفارتي اصولن موجب ردِعمل ڏنو ۽ دوست ملڪن سان پنهنجي پُراڻن ناتن کي نظر ۾ رکيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين جي آرٽيڪل 19 تحت هر شهريءَ کي راءِ جي اظهار جي آزادي حاصل آهي، جڏهن ته ان آزادي سان ڪجهه معمولي پابنديون به لاڳو آهن. انهن پابندين جو تعلق اسلام جي عظمت، پاڪستان جي سلامتي، دفاع، دوست ملڪن سان ناتن، عوامي نظم و ضبط، اخلاقيات ۽ عدالت جي توهين جهڙن معاملن سان آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪجهه تبصرا اهڙا ڏسڻ ۾ آيا جن سان سفارتي سطح تي غلط تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به فرد يا گروه کي اهو حق حاصل ناهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت اهڙا بيان ڏئي جنهن سان دوست ملڪن سان ناتا متاثر ٿين. اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان جا نار ۽ ٻين اسلامي ڀائر ملڪن سان ڏهاڪن تي ٻَڌل دوستاڻه ناتا آهن ان لاءِ اهو چوڻ ته پاڪستان ڪنهن هڪ ملڪ سان ٿي ٻئي خلاف ٿي وڃي، نه آئين اجازت ڏئي ٿو ۽ نه ئي قومي مفاد ان جي گهُر ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت ۽ پرڏيهي وزارت خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهن. قانون واري وزير موجب وزيراعظم پڻ خطي جي اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن تڪرارن کي پُرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن عوام، صحافين ۽ سوشل ميڊيا صارفين کي اپيل ڪئي ته هو راءِ جي اظهار دوران آئين ۽ قانون جي حدن جو خيال رکن ۽ اهڙن بيانن کان پاسو ڪن جن سان پاڪستان جي دوست ملڪن سان ناتا متاثر هئڻ جو خدشو هجي.

مزید خبریں