اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ پيٽروليم مصنوعات اسٽاڪ جي رئيل ٽائم مانيٽرنگ لاءِ ضلعي انتطاميه ڊجيٽل نطام متعارف ڪرايو آهي. ضلعي انتطاميه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي شهر جي 145 پيٽرول پمپس جي اسٽاڪ جي رئيل ٽائيم مانيٽرنگ ڪري سگهبي، سٽي اسلام آباد ايپ تي فيول پمپ ٽرانزيڪشنز جو آپشن شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پيٽرول …
اسلام آباد ۾ پيٽروليم مصنوعات اسٽاڪ جي رئيل ٽائم مانيٽرنگ لاءِ ضلعي انتظاميه ڊجيٽل نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ پيٽروليم مصنوعات اسٽاڪ جي رئيل ٽائم مانيٽرنگ لاءِ ضلعي انتطاميه ڊجيٽل نطام متعارف ڪرايو آهي. ضلعي انتطاميه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي شهر جي 145 پيٽرول پمپس جي اسٽاڪ جي رئيل ٽائيم مانيٽرنگ ڪري سگهبي، سٽي اسلام آباد ايپ تي فيول پمپ ٽرانزيڪشنز جو آپشن شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پيٽرول پمپس لاءِ روزانو جي بنياد تي اسٽاڪ جا تفصيل اپلوڊ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ضلعي انتظاميه پاران آپشن جي استعمال جي حوالي سان ٽيوٽوريل جاري ڪيو ويو آهي، ڊيٽا اپلوڊ ڪرڻ ۾ لاپرواهي جي صورت ۾ پيٽرول پمپ مالڪ خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.











