سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6200 رپين جو اضافو

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6200 رپيا اضافي سان في تولو سون 5 لک 39 هزار 5 سو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، گذريل ڏينهن في تولو سون جي قيمت ۾ 6200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون جي قيمت 5 لک 39 هزار 5 سو 62 رپين تائين ٿي وئي آهي. 24 …

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6200 رپيا اضافي سان في تولو سون 5 لک 39 هزار 5 سو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، گذريل ڏينهن في تولو سون جي قيمت ۾ 6200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون جي قيمت 5 لک 39 هزار 5 سو 62 رپين تائين ٿي وئي آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 5316 روپيا واڌ سان 457271 رپين کان وڌي 462587 رپيا ۽ 22 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 419180 روپين کان وڌي 424053 روپيا ٿي وئي.

مزید خبریں