ڪراچي-10 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي تھ پاڪستان ۾ پيدائش کان ترسيل بنگالي برادري جي سڃاڻپ ڪارڊ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. ھاڻ اھو ثابت ٿي چڪو آھي تھ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ خرابي پويان ڀارت ملوث رھيو. اھا ڳالهه ھن گورنر ھائوس ۾ رمضان المبارڪ جي سلسلي ۾ ”اميد رمضان“ تحت 19 ھين افطار ڊنر ۾ …
پاڪستان ۾ پيدائش کان ترسيل بنگالي برادري جي سڃاڻپ ڪارڊ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

مزید خبریں
ڪراچي-10 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي تھ پاڪستان ۾ پيدائش کان ترسيل بنگالي برادري جي سڃاڻپ ڪارڊ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. ھاڻ اھو ثابت ٿي چڪو آھي تھ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ خرابي پويان ڀارت ملوث رھيو. اھا ڳالهه ھن گورنر ھائوس ۾ رمضان المبارڪ جي سلسلي ۾ ”اميد رمضان“ تحت 19 ھين افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر اعلان ڪيو تھ پاڪستان ۾ پيدائش کان ترسيل بنگالي برادري کي درپيش مسئلن، خاص ڪري سڃاڻپ ڪارڊ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا ۽ ان مقصد لاءِ قانون سازي سوڌو ھر پليٽ فارم تي آواز اٿارينداسين تھ جئين ڪراچي ۾ ترسيل بنگالي برادري جي ماڻھن کي سندن حق ملي سگھن. ڪامران خان ٽيسوري چيو تھ پاڪستان ۾ دھشتگردي جي واقعن ۾ بھ ڀارت جي ملوث ھجڻ جون شاھديون سامھون آيون آھن. تقريب کي بنگلاديش جي ڊپٽي ھاءِ ڪمشنر محمد صادق صداقت خاص مھمان جي حيثيت ۾ چيو ته سنڌ جو گورنر سڀني جو گورنر آھي ۽ ھتي اچي سڀني سان ملي کيس گھڻي خوشي ٿي آھي.











