اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي اعلان ڪيل ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم مالياتي نظم ۽ ضبط، عوامي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال ۽ وزارت جي ڪمن کي حڪومت جي اقتصادي ذميواري …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، زيراعظم جي اعلان ڪيل ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي اعلان ڪيل ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم مالياتي نظم ۽ ضبط، عوامي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال ۽ وزارت جي ڪمن کي حڪومت جي اقتصادي ذميواري جي عزم سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عملدارن کي چيو ته اهي پاڪستان جي سفارتي پهچ ۽ قونصلر خدمتون متاثر ٿيڻ کانسواءِ اهڙا شعبا ڳولين جتي خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي. نائب وزيراعظم حڪومت جي ڪفايت شعاري مهم جي لاءِ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مفادن جي تحفظ کي جاري رکندي ذميواراڻي طرز حڪمراني، شفافيت ۽ عوامي فنڊز جي موثر استعمال جي لاءِ وزارت جي عزم تي زور ڏنو.











