اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي سان پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي جي شعبي ۾ انقلاب ايندو. پي ٽي اي جي اهتمام هيٺ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جون واضح هدايتون آهن ته …
فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي سان پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي جي شعبي ۾ انقلاب ايندو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي سان پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي جي شعبي ۾ انقلاب ايندو. پي ٽي اي جي اهتمام هيٺ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جون واضح هدايتون آهن ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن به نيلامي جي عمل کي سڌوسنئون نشر ڪيو وڃي. اڄ پاڪستان ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم جي شفاف نيلامي جي عمل کي پوري دنيا ڏٺو آهي. شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نيلامي جي هر رخ کي سڌوسنئون نشر ڪيو ويو. هن چيو ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي سافٽ ويئر جي ذريعي آن لائين آڪشن هئي، ان عمل ۾ سمورين ٽيلي ڪام ڪمپنين شرڪت ڪئي جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ڪنهن به نجي شعبي جي اداري جو سرڪاري شعبي تي اعتماد جو اظهار ۽ عمل جي شفافيت کي تسليم ڪرڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي. پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽرز گڏيل تعاون سان ڪم ڪن ٿا ته معيشت جو ڦيٿو اڳتي وڌي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جو عمل مڪمل ٿيڻ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، ميميبر ٽيلي ڪام، چيئرمين پي ٽي اي ۽ پي ٽي اي جي پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان فائيو جي طرف وڃي رهيا آهيون، هي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو ڏينهن آهي.











