اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن سميت رهتن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان ميڊيا ورڪرز جي …

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن سميت رهتن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اڳ ۾ ئي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، چينلز جي رهتن جي منظوري ڏني وئي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهو معاملو پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي ويندو. هن چيو ته ميڊيا مالڪن خاطري ڪرائي آهي ته عيد کان اڳ سموريون رهتون ادا ڪيون وينديون جڏهن ته حڪومت به ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪمٽمنٽ تي عمل ڪندي ته جيئن صحافين کي وقت تي فائدو پهچي. وفد جي ميمبرن اطلاعات واري وفاقي وزير جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته عيد کان اڳ ادائيگيون ٿي وڃن ته ميڊيا ورڪرز پنهنجي فيملز سان گڏ عيد جي خوشين ۾ شريڪ ٿي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي وزير وفد کي يقين ڏياريو ته سمورن معاملن جو خوش اسلوبي سان حل ڳوليو ويندو.

مزید خبریں