اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) جرمني ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسيٽيڪ) جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري برلن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جرمني جي تحقيقي ۽ تعليمي ادارن ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي …
جرمني ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سان او آءِ سي جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت ڪامسيٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) جرمني ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسيٽيڪ) جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري برلن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جرمني جي تحقيقي ۽ تعليمي ادارن ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي حصيداري، گڏيل تحقيق ۽ سائنسي ماهرن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڊاڪٽر اقبال چوڌري چيو ته ملاقات جرمني جي ناليوارن تحقيقي ادارن جي وچ ۾ امڪاني تعاون تي ڳالهه ٻولهه جو اهم موقعو آهي. هن ان سلسلي ۾ جرمني جي ناليوارن تحقيقي نيٽ ورڪس جن ۾ لائبنز ايسوسيئيشن، ميڪس پلانڪ سوسائٽي، فراون هوفر سوسائٽي ۽ هيلم هولٽز ايسوسيئيشن شامل آهن، سان تعاون جي امڪانن کي ساراهيو. هن چيو ته ان نوعيت جو تعاون او آءِ سي جي ميمبر ملڪن خاص طور تي آفريقا جي گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ سائنسي صلاحيت وڌائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ملاقات دوران پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري جرمن اڪيڊمڪ ايڪسچينج سروس (ڊي اي اي ڊي) جي تعاون سان ڪامسٽيڪ – جرمني سائنسي حصيداري قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ڊگهي مدي واري تعليمي ۽ تحقيقي تعاون کي فروغ ڏئي سگهجي. هن قابل تجديد توانائي، ماحولياتي تبديلي، صحت جي علم، مصنوعي ذهانت ۽ پاڻي تحفظ جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل ترجيحي تحقيقي پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو پائيدار ترقي جي عالمي هدفن سان هم آهنگ هجي. ملاقات ۾ تجويز ڪيل تعاون تحت گڏيل فيلوشپس ۽ تعليمي مٽاسٽا پروگرامن جي ذريعي وظيفن ۽ تحقيقي موقعن ۾ اضافي جا امڪان پڻ غور هيٺ آيا. ان سان گڏوگڏ جرمن – اردنيه يونيورسٽي جي ماڊل مان فائدو کڻندي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پناهگيرن ۽ ميزبان ڪميونٽيز جي لاءِ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن پاڪستاني سفير ثقلين سيده کي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي دوران اسلام آباد ۾ موجود او آءِ سي – ڪامسٽيڪ جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ان اهم سائنسي تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي وڌيڪ اڳڀرائي ڪري سگهجي.











