صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو اجلاس

اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت  سيڪريٽري سيف انجم،  سميڊا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي هارون اختر خان چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ننڍي ۽ وچولي درجي …

اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت  سيڪريٽري سيف انجم،  سميڊا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي هارون اختر خان چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ايس ايم ايز جي ڊجيٽل موجودگي کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو ۽ انهن کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ فراهم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارم ايس ايم ايز کي پنهنجون مصنوعات عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۽ روانگي واپار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته ايس ايم ايز کي پنهنجي مصنوعات دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ڊجيٽل پليٽ فارم تيار ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ، جيمز اينڊ جيولريز ۽ آٽوموبائيل سيڪٽر لاءِ هڪ جامع پروگرام ٺاهيو ويندو. هن چيو ته نئون پليٽ فارم عالمي اي ڪامرس ماڊلز جي معيار تي تيار ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري سگهجي. ان پورٽل تي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ويليو ايڊڊ ۽ اعليٰ معيار جي مصنوعات کي نمايان ڪيو ويندو. اجلاس دوران هارون اختر خان جي هدايت تي ان ويزن کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ به قائم ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں