اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 53 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 500 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 53 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 500 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 35 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 31 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 19 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 10 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻُڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1457.09 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.182 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1152.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ آهي، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.822 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشما جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده سطح 641.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.057 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











