اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) اوگرا جي ترجمان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي ۽ اهڙين خبرن کي جعلي قرار ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اوگرا جي ترجمان واضح ڪيو ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 73.40 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 84.95 رپيا واڌ جي ڪابه سمري وزيراعظم آفيس ڏانهن نه …
اوگرا ترجمان پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) اوگرا جي ترجمان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي ۽ اهڙين خبرن کي جعلي قرار ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اوگرا جي ترجمان واضح ڪيو ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 73.40 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 84.95 رپيا واڌ جي ڪابه سمري وزيراعظم آفيس ڏانهن نه موڪلي وئي آهي. هن چيو ته هي دعويٰ مڪمل طور تي بي بنياد آهي ۽ ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي. ترجمان واضح ڪيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ اهڙيون خبرُون من گھڙت ۽ ڪوڙِيُون آهن، جِن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي. هن چيو ته عوام اهڙي طرح جي غير تصديق ٿيل خبرن تي ڌيان نه ڏئي.











