سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس

ڪراچي-09 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته يومِ علي رضه، يومِ قدس ۽ جمته الوداع جي انتظامن ۽ ان سلسلي ۾ سڀني جلوسن ۽ اجتماعن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظامات يقيني بڻايا وڃن ۽ جلوسن ۽ مجلسن جي رستن تي سيڪيورٽي ۽ نگراني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. اهڙيون هدايتون هن سي ايم هائوس ۾ …

ڪراچي-09 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته يومِ علي رضه، يومِ قدس ۽ جمته الوداع جي انتظامن ۽ ان سلسلي ۾ سڀني جلوسن ۽ اجتماعن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظامات يقيني بڻايا وڃن ۽ جلوسن ۽ مجلسن جي رستن تي سيڪيورٽي ۽ نگراني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. اهڙيون هدايتون هن سي ايم هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. وڏي وزير اجلاس ۾ يومِ علي رضه، يومِ قدس ۽ جمعۃ الوداع جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ سڀني جلوسن ۽ اجتماعن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ 13 مارچ تي يومِ القدس ۽ جمعۃ الوداع جڏهن ته 21 رمضان المبارڪ (11 مارچ) تي يومِ علي جي سيڪيورٽي پلان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ايندڙ تقريبن کي پرامن منعقد بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ جامع سيڪيورٽي، لاجسٽڪس ۽ مواصلاتي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. مختلف رينجز ۾ مجموعي طور 22 هزار 304 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جن ۾ ڪراچي (7 هزار 908)، حيدرآباد (2 هزار 317)، ميرپورخاص (392)، شهيد بينظيرآباد (1 هزار 788)، لاڙڪاڻو (6 هزار 757) ۽ سکر (3 هزار 142) شامل آهن. مقررين ۾ 8 هزار 426 اهلڪار اسٽيٽڪ ڊيوٽي، 3 هزار 942 پڪٽ ڊيوٽي، 3 هزار 164 موبائل گشت ۽ هڪ هزار 488 موٽر سائيڪل گشت تي مقرر هوندا، جڏهن ته ان کان علاوه ريزرو ۽ اضافي آپريشنل عملو به موجود هوندو. پوليس گشت ۽ فوري ردعمل لاءِ 750 موبائل گاڏيون ۽ 764 موٽر سائيڪلون به استعمال ڪيون وينديون. وڏي وزير جي هدايتن تي ڪراچي ۾ جلوسن جي رستن ۽ هنڌن جو تفصيلي سروي مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهم هنڌن تي اضافي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن. انتظاميه طرفان جلوسن جي رستن تي شهري انفراسٽرڪچر جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ ڀرپاسي عمارتن ۽ تنصيبن جا ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا پيا وڃن ته جيئن سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حساس هنڌن ۽ جلوسن جي رستن جي چوڌاري ڪومبنگ ۽ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشنز تيزي سان جاري رکيا آهن. تيارين کي نظر ۾ رکندي ۽ ممڪن خطرن جي روڪٿام لاءِ فليگ مارچ به ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته اهم هنڌن تي اسنيپ چيڪنگ ۽ اسڪيليٽن ڊپلائيمينٽ برقرار رکيو ويندو. نگراني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اسمارٽ آءِ، آر او پي اي ۽ ٽي آر ايس سرويلنس سسٽمز ذريعي مانيٽرنگ ڪئي ويندي جڏهن ته اسپيشل برانچ ايئرپورٽس، بس ٽرمينلس، فوڊ ٽرانسپورٽ هبز ۽ ريلوي اسٽيشنن تي سخت نگراني برقرار رکندي. ريسڪيو سروسز پڻ ڪنهن به هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو ۽ انخلا جي منصوبن کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن فوري ۽ اثرائتو رد عمل يقيني بڻائي سگهجي. مراد علي شاهه سڀني لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته تقريبن جي پرامن منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪيو وڃي. وڏي وزير انسپيڪٽر جنرل آف پوليس کي خصوصي ٽريفڪ مينيجمينٽ پلان تيار ڪرڻ ۽ شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل کاتن کي شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. مراد علي شاهه عملدارن کي حساس هنڌن تي اضافي اهلڪار مقرر ڪرڻ ۽ نگراني وڌيڪ وڌائڻ جي هدايت ڪئي. هم آهنگي تي زور ڏيندي وڏي وزير مذهبي اتحاد ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار ۽ رياض شاهه شيرازي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.