لاڙڪاڻو-09 مارچ(اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مولاءِ ڪائنات مولا علي عليه السلام جي شھادت جي نسبت سان ھر سال جيان هيل به مجلس عزا ماتمي جلوسن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. 19 رمضان جي رات تي امير المومنين حضرت علي عليه السلام جي نسبت سان شيعه جامع مسجد و جعفري امام بارگاهه لاڙڪا ڻو ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي ۽ مرڪزي ماتمي جلوس …
مولاءِ ڪائنات مولا علي عليه السلام جي شھادت جي نسبت سان مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جو سلسلو شروع، ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-09 مارچ(اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مولاءِ ڪائنات مولا علي عليه السلام جي شھادت جي نسبت سان ھر سال جيان هيل به مجلس عزا ماتمي جلوسن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. 19 رمضان جي رات تي امير المومنين حضرت علي عليه السلام جي نسبت سان شيعه جامع مسجد و جعفري امام بارگاهه لاڙڪا ڻو ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي ۽ مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر سميت مختلف علائقن مان ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري مولا علي عه جي شهات جي ڏهاڙي جي موقعي تي حفاظتي انتظامن کي انتهائي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي سيڪيورٽي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. سيڪيورٽي پلان مطابق 29 مجلسن ۽ 10 ماتمي جلوسن لاءِ لاڙڪاڻو پوليس جا 800 پوليس آفيسر ۽ جوان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، جڏهن ته 82 ونگ سنڌ رينجرز به اسٽينڊ باءِ هوندي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ اينٽي رائٽ رزرو پلاٽون کي به اسٽينڊ باءِ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. مرڪزي ماتمي جلوس جي گذرگاهن جي اونچين عمارتن تي جديد دوربين سميت سنائپرز مقرر هوندا.واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊيٽيڪٽرز، وڊيو رڪارڊنگ ۽ سي سي ٽي وي ذريعي سڀني مجلسن ۽ جلوسن کي مانيٽر ڪيو ويندو.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو ۾ خصوصي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته صبح کان رات تائين شرڪت ڪندڙن ۽ عزادارن جي حفاظت سان گهرن تائين واپسي تائين ڪو به پوليس آفيسر ۽ جوان پنهنجي ڊيوٽي پوائنٽ نه ڇڏيندو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس علماء ۽ ذاڪرن سميت مختلف انجمنن جي ذميوارن ۽ پرمٽ هولڊرز سان سي آءِ اي سينٽر لاڙڪاڻو ۾ اجلاس ڪري تجويزون طلب ڪيون، لاڙڪاڻو پوليس جي ڀرپور تعاون تي شرڪت ڪندڙن ٿورن جو اظهار ڪيو.











