لاڙڪاڻو-09 مارچ (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ جي ايس ايس پي حسن سردار احمد خان نيازي جي صدارت ۾ 21 رمضان المبارڪ مولا علي رضه جي شهادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اهل تشيع جي مذهبي نمائندن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهل تشيع جي مذهبي اڳواڻن 21 رمضان المبارڪ يوم شهادت حضرت علي رضه کان اڳ مختلف مسئلن تي …
مولا علي عه جي شهادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايس ايس پي آفيس قمبر ۾ اجلاس، اهل تشيع جي مذهبي نمائندن ۽ عهديدارن جي شرڪت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-09 مارچ (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ جي ايس ايس پي حسن سردار احمد خان نيازي جي صدارت ۾ 21 رمضان المبارڪ مولا علي رضه جي شهادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اهل تشيع جي مذهبي نمائندن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهل تشيع جي مذهبي اڳواڻن 21 رمضان المبارڪ يوم شهادت حضرت علي رضه کان اڳ مختلف مسئلن تي روشني وڌي جن کي غور سان ٻڌو ويو ۽ انهن تي عملدرآمد جو مڪمل يقين ڏياريو ويو.ايس ايس پي چيو ته 21 رمضان المبارڪ يوم شهادت حضرت علي رضه جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ۽ غيرمعمولي هوندا. سڀني منعقد ٿيندڙ پروگرامن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ته جيئن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي سگهجي. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ وڌيڪ چيو ته سڀني فرقن جا نمائندا نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪندا، مذهبي رواداري جي روايتن کي هٿي ڏني ويندي. حڪومت طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن شرڪت ڪندڙن کي سيڪيورٽي جي بهتر انتظامن جو يقين ڏياريو. آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جو ٿورو مڃيو ۽ پنهنجي طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.











