جيڪب آباد ۾ پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا، ٻه ڄڻا گرفتار، 10 ڪلو کان وڌيڪ منشيات هٿ

لاڙڪاڻو – 09 مارچ (اي پي پي) جيڪب آباد جي ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي سخت هدايتن تي ضلعي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن ۽ مختلف هنڌن تي ڪيل ڪارروائين دوران 02 ملزمن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 10 ڪلو 200 گرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. ايس ايڇ او سول لائن ٿاڻو محمد حسن جوڻيجو پنهنجي عملي سان ٿاڻي ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ ملزم غلام مرتضيٰ عرف باجو ولد غلام علي گلواڻي جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ملزم جي قبضي …

لاڙڪاڻو – 09 مارچ (اي پي پي) جيڪب آباد جي ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي سخت هدايتن تي ضلعي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن ۽ مختلف هنڌن تي ڪيل ڪارروائين دوران 02 ملزمن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 10 ڪلو 200 گرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. ايس ايڇ او سول لائن ٿاڻو محمد حسن جوڻيجو پنهنجي عملي سان ٿاڻي ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ ملزم غلام مرتضيٰ عرف باجو ولد غلام علي گلواڻي جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ملزم جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات 05 ڪلو گرام چرس ھٿ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وئي. ايس ايڇ او ايئرپورٽ ٿاڻو انسپيڪٽر طارق حسين پنهنجي اسٽاف سان گڏ پوليس فورس گرائونڊ ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪندي چيڪنگ دوران ملزم بابو عرف حيدري گلواڻي جکراڻي جي قبضي مان 5200 گرام چرس ھٿ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آھي. گرفتار ملزمن کان جاچ سميت قانوني ضابطي جون ڪارروائيون جاري آهن. ٻئي طرف جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ صدر ٿاڻي جي حد شمبي شاهه ويجهو پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ ۾ مقابلو ٿي پيو ، ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ 01 ملزم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ملزم جي سڃاڻپ مهردل عرف چاندي ولد بھادر عرف باڏو گلواڻي جکراڻي رھندڙ مولاداد جي نالي سان ٿي.ملزم جي قبضي مان 01 ٽي ٽي پستول ھٿ ڪيو ويو.گرفتار ملزم جا چار ٻيا ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڳولا جاري آهي.گرفتار ملزم خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ جي پڻ  جاچ ڪئي پئي وڃي.