نوشهروفيروز -09 مارچ (اي پي پي) نوشهرو فيروز ويجهو سڌوجا وٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر سبب ٻه واٽهڙو زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ شخص علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻي زخمي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٻه واٽهڙو روڊ پار ڪري رهيا هئا ته تيز رفتار …
نوشهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

مزید خبریں
نوشهروفيروز -09 مارچ (اي پي پي) نوشهرو فيروز ويجهو سڌوجا وٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر سبب ٻه واٽهڙو زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ شخص علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻي زخمي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٻه واٽهڙو روڊ پار ڪري رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرالر ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ويو ۽ واٽهڙن سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمن فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي هڪ ڄڻي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته ٻي زخمي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس واقعي جو نوٽيس وٺندي ٽرالر ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي جيڪو موقعي تان فرار ٿي ويو هو جڏهن ته حادثي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.











