سنڌ  جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي- 09 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي ڀاڙن جو نئين سر جائزو وٺڻ ۽ ضرورت پوڻ جي صورت ۾ مناسب ۽ متوازن ڀاڙا مقرر ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي غيرقانوني طور تي ڀاڙا وڌائڻ وارن ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. اھڙا حڪم هن ٽرانسپورٽ …

ڪراچي- 09 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي ڀاڙن جو نئين سر جائزو وٺڻ ۽ ضرورت پوڻ جي صورت ۾ مناسب ۽ متوازن ڀاڙا مقرر ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي غيرقانوني طور تي ڀاڙا وڌائڻ وارن ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. اھڙا حڪم هن ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيٽروليم وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ کي جواز بڻائڻ ڀاڙن ۾ پنھنجي پسند جي واڌ عوام تي بار آهي. ڀاڙا وڌائڻ جو اختيار صرف حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي آهي. جيڪي ٽرانسپورٽر حڪومت جي منظوري کانسواءِ ڀاڙا وڌائي رهيا آهن انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي فوري طور تي فيلڊ چيڪنگ مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ اثرائتو نظام جوڙيو وڃي.هن چيو ته حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن کي به  عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.