لاڙڪاڻو-08 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ امام بارگاهه حضرت امام مھدي آخر الزمان عليه السلام، مگسي محلا طرفان سالياني جشن آمد امام حسن المجتبيٰ عليه السلام جي تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي تقريب کي ذاڪر اھلبيت سيف علي حسيني، مولوي اياز چانڊيو، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين خطاب ڪري امام مولا حسن مجتبيٰ عليه السلام جي سيرت طيبه جو ذڪر ڪيو. قصيده خوان سيد ميثم عباس …
لاڙڪاڻو ۾ امام بارگاهه حضرت امام مھدي آخر الزمان عليه السلام، مگسي محلا طرفان سالياني جشن آمد امام حسن المجتبيٰ عليه السلام جي تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-08 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ امام بارگاهه حضرت امام مھدي آخر الزمان عليه السلام، مگسي محلا طرفان سالياني جشن آمد امام حسن المجتبيٰ عليه السلام جي تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي تقريب کي ذاڪر اھلبيت سيف علي حسيني، مولوي اياز چانڊيو، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين خطاب ڪري امام مولا حسن مجتبيٰ عليه السلام جي سيرت طيبه جو ذڪر ڪيو. قصيده خوان سيد ميثم عباس بارگاهه امامت ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪيو. هوڏانهن ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم سيد امير علي شمسي ۽ سيد وحيد علي شاهه ادا ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ صدرالدين مگسي، راجا غلام علي، نجف چانڊيو، حاجي رحيم مغيري، مختيار مگسي، اڪبر رند، صابر حسين سميت وڏي تعداد ۾ مومنين شرڪت ڪئي. آخر ۾ ملڪ ۽ ملت لاءِ دعا پڻ گھري وئي











