پشاور-08 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته عورتن کي با اختيار بڻائڻ هڪ مهذب، ترقي يافته ۽ متوازن معاشري جو بنياد آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته پ پ پ هميشه عورتن جي حقن، وقار ۽ برابري لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ ان حوالي سان پارٽي جي تاريخ فخر جوڳي آهي. گورنر چيو …
عورتن کي با اختيار بڻائڻ هڪ مهذب، ترقي يافته ۽ متوازن معاشري جو بنياد آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور-08 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته عورتن کي با اختيار بڻائڻ هڪ مهذب، ترقي يافته ۽ متوازن معاشري جو بنياد آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته پ پ پ هميشه عورتن جي حقن، وقار ۽ برابري لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ ان حوالي سان پارٽي جي تاريخ فخر جوڳي آهي. گورنر چيو ته پ پ پ قيادت عورتن کي طاقتور، با صلاحيت ۽ خود مختيار بڻائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. خاص ڪري اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو، پاڪستاني عورتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا. هن چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري لاءِ صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جو هڪ اهم سماجي تحفظ جو پروگرام آهي، جنهن ذريعي لکين مستحق عورتن کي مالي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي با اختيار بڻائڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شهيد والده جي مشن کي اڳتي وڌائيندي عورتن جي تعليم، معاشي خودمختياري ۽ سماجي تحفظ کي پنهنجي سياسي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ پارٽي عورتن کي قومي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جون عورتون با صلاحيت، محنتي ۽ همٿ واريون آهن ۽ جيڪڏهن کين مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو هر شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته صوبي ۾ عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکنداسين.











