ملڪ هن وقت جنگ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: سنڌ جو وڏو وزير

ڪراچي-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ هن وقت جنگ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو۔ اھڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ شيعه عالمن (علماءِ جعفريه) سان اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو اجلاس ۾ يومِ علي، يومِ قدس ۽ جمعه الوداع جي انتظامن جو جائزو …

ڪراچي-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ هن وقت جنگ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو۔ اھڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ شيعه عالمن (علماءِ جعفريه) سان اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو اجلاس ۾ يومِ علي، يومِ قدس ۽ جمعه الوداع جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقي جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس جي شروعات آيت الله علي خامنه اي ۽ ٻين شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا سان ڪئي وئي۔ اجلاس دوران يومِ علي، يومِ قدس ۽ جمعه الوداع جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ انتظامي قدمن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ شرڪت ڪندڙن ايران تي تازن حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي روشنيءَ ۾ عوام جي رهنمائي بابت پڻ پنهنجا خيال پيش ڪيا۔ ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ملڪ هن وقت جنگ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو۔ هن چيو ته جيڪڏهن عوام کي موجوده حالتن بابت مناسب رهنمائي ڏني وڃي ته غيرضروري مسئلن کان بچي سگهجي ٿو۔ مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ عالمن سان مشاورت جو مقصد هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ امن قائم رکڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهم مذهبي ڏينهن جي موقعي تي سيڪيورٽي  کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويندو۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت بهترين ممڪن سيڪيورٽي انتظام ڪري رهي آهي ۽ عالمن کان حڪومت سان سهڪار جي اپيل ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ عالمن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو۔ وڏي وزير عوام کي به اپيل ڪئي ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ امن امان برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔ اجلاس ان اتفاق راءِ سان پڄاڻي تي پهتو ته سنڌ حڪومت ۽ عالم سڳورا صوبي ۾ امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ضياءَ الحسن لنجار، رياض حسين شاهه شيرازي، سينيٽر وقار مهدي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ شامل علمائن ۾ علامه سيد شهشاهه نقوي، علامه نثار احمد قلندري، علامه سيد باقر حسين زيدي، سيد شبر رضا ۽ ٻيا مذهبي اڳواڻ شامل هئا۔