ڪراچي-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪالهه ايران جي قونصليٽ ڪراچي پھتو جتي ھن شھيد آيت اللھ علي خامنھ اي ۽ ٻين اعليٰ ايراني اڳواڻن جي شھادت تي گھري رنج ۽ غم جو اظھار ڪيو. گورنر سنڌ آيت اللھ خامنھ اي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو تھ اسلام کي زور وٺائڻ ۾ سندس ڪردار يادگار آھي. گورنر سنڌ چيو تھ پاڪستان جو …
سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايران جي قونصليٽ ڪراچي پھتو، شھيد آيت اللھ علي خامنھ اي ۽ ٻين اعليٰ ايراني اڳواڻن جي شھادت تي گھري رنج ۽ غم جو اظھار

مزید خبریں
ڪراچي-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪالهه ايران جي قونصليٽ ڪراچي پھتو جتي ھن شھيد آيت اللھ علي خامنھ اي ۽ ٻين اعليٰ ايراني اڳواڻن جي شھادت تي گھري رنج ۽ غم جو اظھار ڪيو. گورنر سنڌ آيت اللھ خامنھ اي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو تھ اسلام کي زور وٺائڻ ۾ سندس ڪردار يادگار آھي. گورنر سنڌ چيو تھ پاڪستان جو عوام ۽ حڪومت برادر ملڪ ايران جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھي. ھن يهودي فوج جي بربريت جي سخت مذمت ڪندي ان کي عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو. ڪامران خان ٽيسوري چيو تھ ايران فقط پاڙيسري نھ پر برادر اسلامي ملڪ آھي،پاڪستان ۽ ايراني عوام جو رشتو نھايت مضبوط آھي. ان موقعي تي ايراني قونصل جنرل مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. گورنر سنڌ ايراني قونصليٽ ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنھنجا تاثرات بھ قلمبند ڪيا.











