لاڙڪاڻو-06 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان موٽرسائيڪل حادثي ۾ فوت ٿي ويو. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد رسول آباد واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان تيز رفتار موٽرسائيڪل نوجوان جي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 17 سالن جو نوجوان فهيم پٽ امتياز جاگيراڻي سخت زخمي …
لاڙڪاڻي ۾ نوجوان موٽرسائيڪل حادثي ۾ فوت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-06 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان موٽرسائيڪل حادثي ۾ فوت ٿي ويو. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد رسول آباد واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان تيز رفتار موٽرسائيڪل نوجوان جي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 17 سالن جو نوجوان فهيم پٽ امتياز جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي پوليس ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش ايڌي سينٽر لاڙڪاڻي جي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪالھه جمعي ڏينهن فوتي نوجوان جا وارث ايڌي سينٽر پهتا، جيڪي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش کڻائي گهر روانو ٿي ويا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حد جي پوليس ٻڌايو ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب سندس لاش ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو هو، جنهن جي وارثن اڄ سينٽر پهچي نوجوان جي سڃاڻپ فهيم پٽ امتياز جاگيراڻي طور ڪري سندس لاش کڻائي ويا آهن.











