لاڙڪاڻو -06 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ طرفان پوري ضلعي ۾ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ جمعي نمازِ جي موقعي تي سڀني مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. نمازين جي سيڪيورٽي لاءِ سڀني ٿاڻن جي سطح تي رابطن تحت هر ممڪن قدم کنيا ويا گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي پارڪنگ مسجدن ۽ امام بارگاهن کان فاصلي تي يقيني …
ايس ايس پي شڪارپور پاران ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -06 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ طرفان پوري ضلعي ۾ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ جمعي نمازِ جي موقعي تي سڀني مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. نمازين جي سيڪيورٽي لاءِ سڀني ٿاڻن جي سطح تي رابطن تحت هر ممڪن قدم کنيا ويا گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي پارڪنگ مسجدن ۽ امام بارگاهن کان فاصلي تي يقيني بڻائي وڃي. عوام ڪنهن به شڪ ۾ وجھندڙ حرڪت، سرگرمي يا شڪي ماڻهن ، لاوارث گاڏي، بيگ، پارسل وغيره جو اطلاع فوري مددگار 15 يا ويجهي موبائل ٿاڻي کي ڏين.سمورا ايس ايڇ اوز جمعي نماز جي پڄاڻي تائين پاڻ سيڪيورٽي جي انتظامن جي نگراني ڪندا.











