سنڌ يونيورسٽي پاران هاسٽل الاٽمينٽ سال 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 25 مارچ تائين واڌ جو اعلان

ڄامشورو-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ هاسٽل الاٽمينٽ سال 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. بوائز هاسٽلز جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري پنهنجي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي هاسٽل فيس 25 مارچ 2026ع تائين جمع ڪرائين. ٻي صورت ۾ سندن هاسٽل الاٽمينٽ رد …

ڄامشورو-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ هاسٽل الاٽمينٽ سال 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. بوائز هاسٽلز جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري پنهنجي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي هاسٽل فيس 25 مارچ 2026ع تائين جمع ڪرائين. ٻي صورت ۾ سندن هاسٽل الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. سرڪيولر ۾ هاسٽلر شاگردن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو يونيورسٽيءَ جي اي-پورٽل ذريعي هاسٽل فيس جو چالان حاصل ڪري سگهن ٿا، پرووسٽ آفيس اميدوارن کي وڌيڪ صلاح ڏني آهي ته فيس جو چالان ڪنهن به اهڙي بينڪ ۾ 1 بل آءِ ڊي ذريعي جمع ڪرايو وڃي، جتي 1-بل سهولت موجود هجي، جڏهن ته ايزي پئسا، يو بي ايل اومني، ٽي سي ايس يا جيز ڪيش ذريعي ادائيگي قبول نه ڪئي ويندي.ڊاڪٽر لاشاري جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل مدو پورو ٿيڻ بعد تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي