ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران سڄي ڊويزن ۾ جمعي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري

لاڙڪاڻو -06 مارچ (اي پي پي)  ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب طرفان لاڙڪاڻو ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ جمعي جي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري. جمعي جي نماز جي موقعي تي مسجدن ۽ امام بارگاهن جي ڀرپاسي ۽ مرڪزي رستن تي پوليس اهلڪارن جي مقرري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري .ضلعن جي مختلف مرڪزي حساس پوائنٽن تي چيڪنگ ڪرڻ جون هدايتون ته …

لاڙڪاڻو -06 مارچ (اي پي پي)  ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب طرفان لاڙڪاڻو ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ جمعي جي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري. جمعي جي نماز جي موقعي تي مسجدن ۽ امام بارگاهن جي ڀرپاسي ۽ مرڪزي رستن تي پوليس اهلڪارن جي مقرري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري .ضلعن جي مختلف مرڪزي حساس پوائنٽن تي چيڪنگ ڪرڻ جون هدايتون ته جيئن ڪو به هٿيار، بارود يا شڪي گاڏي ٻئي شهر منتقل نه ٿي سگهي.عوام کي ڪنهن به  حرڪت، سرگرمي يا شڪي ماڻهن  لاوارث گاڏي، بيگ، پارسل وغيره تي سخت نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.شڪ ۾ وجهندڙ شين جي اطلاع فوري طور مددگار 15 يا ويجهي پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او يا نفري کي ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي ۽ نفري کي آگاهه ڪيو ويو ته جمعي جي نماز جي ادائيگي دوران حفاظتي قدمن جي لحاظ سان ڊيوٽي جي مقام کي هرگز نه ڇڏڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته سيڪيورٽي قدمن تي عمل درآمد جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرواهي/ڪوتاهي تي سخت قانوني ۽ کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي.عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي پھرين ترجيح آهي.