لاڙڪاڻو - 06 مارچ (اي پي پي) قمبر پوليس انتهائي اهم ڪارروائي ڪندي صدر ٿاڻو قمبر پوليس تنوير پنهور قتل ڪيس کي مهارت سان ٿورڙي وقت ۾ ٽريس آئوٽ ڪري ورتو آهي. واقعي ۾ ملوث ٽن مرڪزي ملزمن کي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزارن سميت گرفتار ڪيو ويو. تفصيل مطابق صدر ٿاڻو قمبر جي حدن ۾ مير جي هوٽل ويجهو پاڻي جي تلاءَ مان نوجوان تنوير حسين ولد نظير حسين پنهور …
قمبر پوليس پاران قتل ڪيس جو جوابدار اوزارن سميت گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 06 مارچ (اي پي پي) قمبر پوليس انتهائي اهم ڪارروائي ڪندي صدر ٿاڻو قمبر پوليس تنوير پنهور قتل ڪيس کي مهارت سان ٿورڙي وقت ۾ ٽريس آئوٽ ڪري ورتو آهي. واقعي ۾ ملوث ٽن مرڪزي ملزمن کي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزارن سميت گرفتار ڪيو ويو. تفصيل مطابق صدر ٿاڻو قمبر جي حدن ۾ مير جي هوٽل ويجهو پاڻي جي تلاءَ مان نوجوان تنوير حسين ولد نظير حسين پنهور جو لاش مليو هو جيڪو ڳوٺ ڀاوند لاکا جو رهواسي هو ۽ کيس سندس دوستن پاڻ ۾ ٿيل تلخ ڪلامي سبب قتل ڪري لاش پاڻي جي تلاءَ ۾ اڇلايو هو. جنهن واقعي جو ڪيس مقتول جي والد نظير حسين جي فرياد تي صدر ٿاڻي قمبر ۾ داخل ڪيو ويو هو.ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان واقعو جو سختي سان نوٽيس وٺندي قتل ڪيس کي ٽريس آئوٽ ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي قمبر سرفراز احمد پيچوهو ۽ ايس ايچ او صدر قمبر مختيار احمد ميمڻ کي واقعي ۾ ملوث ملزمن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. جاچ ٽيم رات ڏينهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ آخرڪار واردات ۾ ملوث ٽن مرڪزي ملزمن نالي سمير عرف ڪٽورو لاکو، سرفراز پنهور ۽ وسيم پنهور کي گرفتار ڪري ملزم سمير جي قبضي مان ڏوھ ۾ استعمال ٿيل چاقو ھٿ ڪيو آهي.جڏهن ته ملزمن به ڏوھ جو اعتراف ڪندي پوليس کي واقعي جا پورا تفصيل پڻ ٻڌايا آهن.واردات واري هنڌ تان مليل سيمپلز کي فارينزڪ ۽ ڪيميڪل رپورٽ لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي.جڏهن ته گرفتار ملزمن کان وڌيڪ جاچ جو سلسلو پڻ جاري آهي.











