ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ غير قانوني کاڻن ۽ معدنيات جي کوٽائي کي روڪڻ لاءِ اهم قدم کڻندي هڪ خاص ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو تعليم، کاڻن ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ مائنز اينڊ منرلز کاتي جي اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري غير قانوني کاڻن ۽ معدنيات جي کوٽائي …
سنڌ ۾ غير قانوني کاڻين جي کوٽائي خلاف ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ غير قانوني کاڻن ۽ معدنيات جي کوٽائي کي روڪڻ لاءِ اهم قدم کڻندي هڪ خاص ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو تعليم، کاڻن ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ مائنز اينڊ منرلز کاتي جي اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري غير قانوني کاڻن ۽ معدنيات جي کوٽائي جي نشاندهي ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل مؤثر قدمن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري مائنز اينڊ منرلز ڊولپمينٽ راجا شاه زمان ، ڊي جي مائنز اينڊ منرلز مهش لال دوداڻي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. اجلاس دوران مائنز اينڊ منرلز کاتي پاران معدنيات ۽ کاڻن جي غير قانوني کوٽائي ۽ ان جي ٽرانسپورٽيشن خلاف جاري ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني وئي. کاتي جي عملدارن، ڄامشورو، ڪراچي جي ضلع ملير، نگرپارڪر ۽ ٺٽي ۾ جاري غير قانوني کوٽائي ۽ ان کي روڪڻ بابت پڻ تفصيلي آگاھي ڏني. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اجلاس دوران هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ غير قانوني کاڻن ۽ معدنيات کوٽائي جي خاتمي لاءِ سخت ۽ فوري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته صوبي ۾ ڪنهن کي به غير قانوني کوٽائي جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ غير قانوني کوٽائي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ٽاسڪ فورس ٺهندي، جيڪا مختلف ضلعن ۾ غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ مؤثر قدمن کڻندي. کاڻن ۽ معدنيات واري وزير هدايت ڪئي ته ٽاسڪ فورس ڪارروائين کي مؤثر بڻائڻ لاءِ موجود سمورن وسيلن جو استعمال ڪري جنھن ۾ پوليس جي مدد پڻ ورتي وڃي. سيد سردار علي شاهه مائنز اينڊ منرلز کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي غير قانوني کوٽائي خلاف ڪارروائين کي وڌيڪ مؤثر بڻائين ۽ ملوث ڌرين خلاف بنا ڪنھن فرق جي قدم کنيو وڃي. هن زور ڀريو ته معدني وسيلن جي تحفظ ۽ قانوني طريقي تحت کاڻن جي کوٽائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن صوبي جي قدرتي وسيلن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. اجلاس دوران معدني وسيلن جي غير قانوني کوٽائي سبب پيدا ٿيندڙ ماحولياتي مسئلن ۽ قدرتي ماحول کي پيش ايندڙ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.











