لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 25 ڏوهاري گرفتار، هٿيار، منشيات ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ

لاڙڪاڻو-05 مارچ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪري 25 ڏوهارين کي گرفتار ڪندي سندن وٽان هٿيار، منشيات، ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رشيد وڳڻ پوليس گهربل ڏوهاري سعيد عرف ملڪو ککراڻي کي پسٽل، دڙي پوليس ڏوهاري شاهد چانڊيو کي پسٽل، رحمت پور پوليس ڪاروائي ڪري ڏوهاري شڪيل …

لاڙڪاڻو-05 مارچ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪري 25 ڏوهارين کي گرفتار ڪندي سندن وٽان هٿيار، منشيات، ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رشيد وڳڻ پوليس گهربل ڏوهاري سعيد عرف ملڪو ککراڻي کي پسٽل، دڙي پوليس ڏوهاري شاهد چانڊيو کي پسٽل، رحمت پور پوليس ڪاروائي ڪري ڏوهاري شڪيل ککراڻي کي پسٽل ۽ رپيٽر سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، مارڪيٽ پوليس ڪاروائي ڪري 10 ڏوهارين عابد، ظفر الله، ضمير، راشد، عامر، خالد، ظفر علي، ثناء الله، سراج ۽ صدام کي گرفتار ڪري ورتو، سچل پوليس گهربل ڏوهاري عبدالشڪور جتوئي، الھ آباد پوليس ٻن ڏوهارين روشن عرف ليمو ۽ عبدالستار کي شراب سميت، علي گوهر آباد پوليس سلمان ڀٽو کي شراب، باڊھ پوليس آصف مغيري کي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، سول لائين پوليس 5 ڏوهارين مختيار، گوهر، فرمان، ذوالفقار ۽ زبير کي پنڻ واري ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ورتو، فتح پور پوليس ڪامران عرف عامر ڏيرو کي گٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن تعلقي ٿاڻي جي پوليس شهري جميل احمد کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل، ڌامراھ پوليس ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن.