جيڪي بلڊرز مقرر وقت تي منصوبا مڪمل ڪري خريدارن کي گهر يا فليٽ حوالي نه ڪندا، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن بلڊرز جو لائسنس معطل ڪري کين ڊي لسٽ يا بليڪ لسٽ ڪيو ويندو: سيد ناصر حسين شاھ

ڪراچي -05 مارچ (اي پي پي) مڪاني ادارن ۽ هائوسنگ، ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ واضح ڪيو آهي ته جيڪي بلڊرز مقرر وقت تي منصوبا مڪمل ڪري خريدارن کي گهر يا فليٽ حوالي نه ڪندا، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن بلڊرز جو لائسنس معطل ڪري کين ڊي لسٽ يا بليڪ لسٽ ڪيو ويندو ۽ مستقبل ۾ کين ڪنهن به نئين منصوبي جي منظوري به نه …

ڪراچي -05 مارچ (اي پي پي) مڪاني ادارن ۽ هائوسنگ، ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ واضح ڪيو آهي ته جيڪي بلڊرز مقرر وقت تي منصوبا مڪمل ڪري خريدارن کي گهر يا فليٽ حوالي نه ڪندا، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن بلڊرز جو لائسنس معطل ڪري کين ڊي لسٽ يا بليڪ لسٽ ڪيو ويندو ۽ مستقبل ۾ کين ڪنهن به نئين منصوبي جي منظوري به نه ڏني ويندي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  صوبائي وزير چيو ته شهرين جي مفادن جي تحفظ ۽ تعميراتي شعبي ۾ شفافيت ۽ نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر ڪيل عرصي اندر منصوبا مڪمل نه ڪندڙ بلڊرز خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام جي سڄي زندگي جي بچت محفوظ رهي ۽ هائوسنگ سيڪٽر ۾ اعتماد بحال ٿي سگهي. سيد ناصر حسين شاهه ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو کي هدايت ڪئي آهي ته انهن سڀني تعميراتي منصوبن جون مڪمل تفصيلون فوري طور فراهم ڪيون وڃن، جن جي تعمير منظور ٿيل عرصو گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ته جيئن دير جو شڪار منصوبن جي سڃاڻپ ڪري ذميوار بلڊرز خلاف ضابطن ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهجي. صوبائي وزير چيو ته حڪومت کي لڳاتار شڪايتون ملي رهيون آهن ته ڪجهه بلڊرز غير ضروري دير ذريعي شهرين کي سخت مشڪلاتن ۾ وجهي رهيا آهن، جنهن سبب خريدارن کي ڪرائي، اضافي خرچن ۽ مالي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته صارفين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ تعميراتي شعبي ۾ نظم و ضبط قائم ڪرڻ هاڻي لازمي ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اهڙن عنصرن جي حوصلا شڪني ضروري آهي، جيڪي غير ذميواري يا بدنيتي سبب منصوبا اڻپورا ڇڏي ڏين ٿا ۽ عوام جي اعتماد کي نقصان پهچائين ٿا. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير ايسوسيئيشن آف بلڊرس اينڊ ڊولپرز (آباد) تي به زور ڀريو ته هو پنهنجي صفن ۾ موجود اهڙن عنصرن خلاف مؤثر قدم کڻي ۽ قانون تي عملدرآمد ۾ تعاون ڪري، ته جيئن ذميوار ڊولپرز جي حوصلا افزائي ۽ غير ذميواراڻي روين جي حوصلا شڪني ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته هن قدم سان نه صرف دير جو شڪار منصوبن ۾ گهٽتائي ايندي، پر ريگيوليٽري نگراني به وڌيڪ مؤثر ٿيندي. صوبائي وزير عوام کي به صلاح ڏني ته ڪنهن به تعميراتي منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان اڳ ان جي قانوني حيثيت، منظوري ۽ دستاويزن جي تصديق ضرور ڪن ۽ مستند معلومات لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان رابطو ڪن، ته جيئن غير قانوني يا غير معياري تعميرن جي خطرن کان بچي سگهجي.