سنڌ حڪومت يوٿ ڪارڊ پروگرام جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، منظوري لاءِ جلد ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو: سردار محمد بخش مهر

ڪراچي -05 مارچ (اي پي پي) راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ يوٿ ڪارڊ پروگرام جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو جلد منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو. صوبائي وزير جي ترجمان عمران سانگي موجب ان سلسلي ۾ سنڌ يوٿ ڪارڊ جي جاري ڪرڻ بابت ٻيو اجلاس راندين واري وزير سردار محمد بخش …

ڪراچي -05 مارچ (اي پي پي) راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ يوٿ ڪارڊ پروگرام جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو جلد منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو. صوبائي وزير جي ترجمان عمران سانگي موجب ان سلسلي ۾ سنڌ يوٿ ڪارڊ جي جاري ڪرڻ بابت ٻيو اجلاس راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌسيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو اجلاس دوران يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل طريقيڪار جي مسودي تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته سيڪريٽري منور علي مهيسر صوبائي وزير کي يوٿ ڪارڊ جي طريقيڪار جو حتمي مسودو پيش ڪيو. صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 30 ضلعن جي هڪ لک نوجوانن کي يوٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هي ڪارڊ انهن نوجوانن کي ڏنو ويندو جيڪي سنڌ جو ڊوميسائل رکن ٿا ۽ جن جي عمر 15 کان 29 سال جي وچ ۾ آهي.هن وڌيڪ چيوته نوجوانن کي صوبي جي سڀني ضلعن ۾ قائم يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽرز ۾ تربيت ڏني ويندي ۽ کين مختلف سرگرمين ۾ سرگرم بڻايو ويندو. سردار محمد بخش مهر موجب سنڌ يوٿ ڪارڊ ڇوڪرن، ڇوڪرين، اقليتي برادري ۽ خصوصي ماڻهن کي پڻ جاري ڪيو ويندو. ڪارڊ رکندڙ نوجوانن کي اسڪالرشپس، بنا وياج قرض، انٽرنشپس ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار لاءِ تربيت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ترجمان موجب ڪارڊ رکندڙ نوجوان عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽي يا متبادل اچ وڃ جا ذريعا فراهم ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير وڌيڪ چيو ته يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوان رانديگرن کي بين الاقوامي معيار جي تربيت ۽ صحت جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون وينديون. سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ جو مسودو قانوني جاچ لاءِ پهريان قانون کاتي ڏانهن موڪليو ويندو، جنهن کان پوءِ ان کي باقاعده منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو۔اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق ۽ چيف انجنيئر محمد اسلم مهر شرڪت ڪئي.