دنيا کي هٿيارن جي ڊوڙ بدران تعليم، ترقي ۽ انساني ڀلائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ امن کي ھٿي ڏيڻ وقت جي اهم گھرج آهي. هٿيارن جي خاتمي ۽ انهن جي پکيڙ کي روڪڻ جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ايٽمي ۽ ٻيا مهلڪ هٿيار انسانيت لاءِ وڏو خطرو آهن ۽ عالمي امن لاءِ …

ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ امن کي ھٿي ڏيڻ وقت جي اهم گھرج آهي. هٿيارن جي خاتمي ۽ انهن جي پکيڙ کي روڪڻ جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ايٽمي ۽ ٻيا مهلڪ هٿيار انسانيت لاءِ وڏو خطرو آهن ۽ عالمي امن لاءِ ھٿيارن جي پکيڙ سميت توازن برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي مؤثر اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ عالمي سطح تي هٿيارن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ مضبوط عالمي سهڪار ضروري آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته غير قانوني هٿيارن جو واپار عالمي امن ۽ ترقي لاءِ سنگين خطرو آهي، جڏهن ته هٿيارن ۾ گهٽتائي سان تڪرارن جي خاتمي ۽ انساني جانين جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وڏي وزير زور ڀريندي چيو ته نوجوان نسل ۾ امن، برداشت ۽ عدم تشدد جي شعور کي هٿي ڏيڻ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته اسان کي نوجوانن ۾ امن ۽ سلامتي بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن سماج ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا کي هٿيارن جي ڊوڙ بدران تعليم، ترقي ۽ انساني ڀلائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته امن ۽ استحڪام ئي پائيدار ترقي جو بنياد آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت امن، استحڪام ۽ انساني تحفظ جي واڌاري لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندي.