سنڌ حڪومت جي رٿائن جا ثمر عوام تائين پھچڻ شروع ٿي ويا آھن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت جي رٿائن جا ثمر عوام تائين پھچڻ شروع ٿي ويا آھن، عوام کي بھتر سھولتن جي فراھمي، بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ ٻين شعبن جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آھن. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شھرين کي جديد ۽ …

ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت جي رٿائن جا ثمر عوام تائين پھچڻ شروع ٿي ويا آھن، عوام کي بھتر سھولتن جي فراھمي، بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ ٻين شعبن جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آھن. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شھرين کي جديد ۽ باوقار سفري سھولتون فراھم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اوليت ۾ شامل آھي، ٽرانسپورٽ جي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو تيزي سان مڪمل ٿيڻ وڃي رھيو آھي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي منصوبي تي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي بھتري لاءِ به وڏي پيماني تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته ڪراچي شھر جي مختلف علائقن ۾ روڊن جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي چُڪو آھي جڏھن ته ڪجھ علائقن ۾ اڃا به ڪم جاري آھي، مختلف شاھراھن جي تعمير ۽ بحالي، فلاءِ اوورز ۽ انڊر پاسز جي تعمير ۽ ڊرينيج سسٽم جي بھتري جا منصوبا جاري آھن. شرجيل انعام ميمڻ  جو چوڻ ھو ته صنعتي زونز جي ترقي، ڪاروباري سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي بھتري ذريعي معاشي سرگرمين کي وڌايو پيو وڃي، حڪومت جو مقصد رڳو منصوبن جو اعلان ڪرڻ نه پر اُنھن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آھي ته جيئن عوام کي حقيقي رليف ملي سگھي.