لاڙڪاڻو - 05 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ اسلام امن وارو مذھب جي موضوع تي ھڪ ڏينھن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ناليواري محقق ڊاڪٽر عبدالوھاب مڱريو ڄاڻايل موضوع تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، جنھن ۾ ھن چيو ته اسلام امن وارو عالمگير مذھب آھي ۽ اسان جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم پوري عالم لاءِ رحمت ڪري موڪليا ويا، اسلام جو جوھر معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ ۾ آھي، اسلام سڀ کان اول حقوق …
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ”اسلام امن وارو مذھب“ جي موضوع تي ھڪ ڏينھن وارو سيمينار منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 05 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ اسلام امن وارو مذھب جي موضوع تي ھڪ ڏينھن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ناليواري محقق ڊاڪٽر عبدالوھاب مڱريو ڄاڻايل موضوع تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، جنھن ۾ ھن چيو ته اسلام امن وارو عالمگير مذھب آھي ۽ اسان جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم پوري عالم لاءِ رحمت ڪري موڪليا ويا، اسلام جو جوھر معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ ۾ آھي، اسلام سڀ کان اول حقوق العباد کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ جيڪڏھن اسان اھا ڳالھه سمجهي ته ھرطرف امن ۽ سلامتي پکڙجي ويندي، اسلام پنھنجي مذھب جي پيروي ۽ ٻي مذھب جي عزت ڪرڻ سيکاري ٿو،

جڏهن ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہه چيو ته ھن قسم جا سيمينار وقت جي ضرورت آهن، ڇو ته ھاڻي ڄاڻ اسان جي آڱرين تي موجود آهي ۽ ھي وقت عمل جو آھي، اسلام اسان کي ھر مڪتب فڪر جي عزت ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ اسلام ۾ امن صرف لفظ ناهي، پر عمل ۽ روزاني زندگي جو معيار آهي، ھن وڌيڪ چيو ته اسلام سڀ کان وڌيڪ پنھنجي نفس سان جھاد تي زور ڀري ٿو، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر شاھد حسين سومرو چيو ته اسلام جي معنيٰ ئي سلامتي ۽ امن آھي ۽ اسلام امن ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿو، ۽ ڪنھن به ظلم ۽ زيادتي کي تسليم نٿو ڪري. ھن وڌيڪ چيو ته اسلامي اصول ٻڌائين ٿا ته گفتگو ۽ سمجھداري سان مسئلا حل ڪرڻ ئي اصل ايمان جو امتحان آهي. سيمينار کي وائيس پرنسپل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ پروفيسر غلام سرور شيخ، پروفيسر سعيد احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي وحيد زمان ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عبدالصمد ڀٽي سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.











