لاڙڪاڻو - 05 مارچ (اي پي پي) رسولﷺ جي پياري ڏوھٽي حضرت امام حسن مُجتبيٰ عليه اسلام جي ولادت باسعادت پوري دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ پُڻ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي مسجدن ۽ امام بارگاهن کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو ۽ جشن ولادت جي حوالي سان خاص تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو، جڏھن ته عالمن ۽ خطيبن امام حسن عليه اسلام جي زندگي …
حضرت امام حسن مُجتبيٰ عليه اسلام جي ولادت باسعادت پوري دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ پُڻ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 05 مارچ (اي پي پي) رسولﷺ جي پياري ڏوھٽي حضرت امام حسن مُجتبيٰ عليه اسلام جي ولادت باسعادت پوري دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ پُڻ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي مسجدن ۽ امام بارگاهن کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو ۽ جشن ولادت جي حوالي سان خاص تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو، جڏھن ته عالمن ۽ خطيبن امام حسن عليه اسلام جي زندگي تي تفصيل سان روشني وڌي، حضرت امام حسن عليه اسلام حضرت عليه اسلام خاتون جنت حضرت بي بي فاطمة الزہرہ سلام اللہ عليها ۽ مولا علي عليه اسلام جو وڏو فرزند ۽ مسلمانن جو ٻيو امام آھي، حضورﷺ جن جي ھڪ مشھور ترين حديث آھي ته حضرت امام حسن ۽ امام حسين عليہ اسلام جنت ۾ نوجوانن جا سردار آھن، حضرت امام حسن عليه اسلام جي ولادت 15رمضان المبارڪ جي ڏينھن مدينه منورہ ۾ مولاءِ ڪائنات حضرت امام علي عليہ اسلام جي گھر ۾ ٿي، حضور پاڪ جن سندس نالو حسن عليه اسلام رکيو.











