حضرت امام حسن عليه السلام جي سيرت انسانيت لاءِ روشن مثال آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت امام حسن عليه السلام جي ولادت جي موقعي تي مسلمان امت کي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته حضرت امام حسن عليه السلام جي سيرت انسانيت لاءِ روشن مثال آهي. وڏي وزير سندس پيغام ۾ چيو ته حضرت امام حسن عليه السلام جي زندگي صبر، برداشت، اتحاد ۽ انسانيت جو درس ڏي ٿي. حضرت امام حسن عليه …

ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت امام حسن عليه السلام جي ولادت جي موقعي تي مسلمان امت کي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته حضرت امام حسن عليه السلام جي سيرت انسانيت لاءِ روشن مثال آهي. وڏي وزير سندس پيغام ۾ چيو ته حضرت امام حسن عليه السلام جي زندگي صبر، برداشت، اتحاد ۽ انسانيت جو درس ڏي ٿي. حضرت امام حسن عليه السلام امن، رواداري ۽ امت جي اتحاد لاءِ عظيم مثال قائم ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي امام حسن عليه السلام جي تعليمات تي عمل ڪندي سماج ۾ محبت، ڀائيچارو ۽ هم آهنگي وڌائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حضرت امام حسن عليه السلام جي زندگي امتِ مسلمه لاءِ روشنيءَ واري راهه آهي. وڏي وزير امن ۽ ڀائيچاري کي ھٿي ڏيڻ جي اپيل ڪندي دعا ڪئي ته رب ڪائنات اسان کي اهلِ بيت عليه السلام جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي.