حيدرآباد-05 مارچ (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي فئڪلٽي طرفان انجنيئرنگ جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي اي ايم شيخ آڊيٽوريم ھال کان ڪراپ پروڊڪشن فئڪلٽي تائين آگاھي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انجنيئرنگ جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو

مزید خبریں
حيدرآباد-05 مارچ (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي فئڪلٽي طرفان انجنيئرنگ جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي اي ايم شيخ آڊيٽوريم ھال کان ڪراپ پروڊڪشن فئڪلٽي تائين آگاھي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ھر شعبي اندر انجنيئرنگ وڏي اھميت واري آھي، ھن چيو ته زرعي انجنيئرنگ جي سبب زراعت ۾ وڌيڪ ترقي ٿي آھي اھو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ دنيا روائيتي زراعت کان روبوٽڪ ايگريڪلچر تائين پھتي آھي، ھن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ايگريڪلچر انجنيئرنگ کي ھٿي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي رھي آھي اڄوڪو ڏينھن انسٽيٽوٽ آف انجنيئرنگ پاڪستان ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل طرفان ملھائي رھيا آھيون. ان موقعي تي ايگريڪلچر انجنيئرنگ فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر منير احمد منڱريو خطاب ڪندي چيو ته ايگريڪلچر انجنيئرنگ جي شاگردن کي تعليم ڏيڻ سان گڏو گڏ انھن جي اسڪلز کي بھتر ڪري رھيا آھيون، ھن چيو ته زرعي انجنيئرنگ کي ڪيترائي مسئلا درپيش آھن جن جي حل طرف وڃي رھيا آھيون، ان موقعي تي انجنيئر ڊاڪٽر ظھير احمد خان انجنيئرنگ جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو ته ھي ڏھاڙو گڏيل قومن طرفان 2019ع کان ملھايو پيو وڃي جنھن جو مقصد انجنيئرنگ جي شعبي کي اجاڳر ڪرڻ آھي، ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر امان الله تنيو، ڊاڪٽر آر بي وسطڙو سميت شاگردن جو وڏو انگ موجود ھو.











