لاڙڪاڻو - 05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ مستقل ڪميشن لاءِ رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب 15 اپريل 2026 تي ساڍا 16 کان 21 سالن جي عمر وارا ۽ 17 کان 23 سالن جي عمر وارا حاضر سروس پرڻيل ۽ اڻ پرڻيل نوجوان رجسٽريشن جا اهل هوندا. سندن تعليمي قابليت ايف ايس سي/ او ليول ۾ فزڪس، ميٿ، ڪيميسٽري، ڪمپيوٽر سائنس، اسٽيٽڪس جي سبجيڪٽن سان گڏ 60 سيڪڙو …
پاڪستان نيوي ۾ مستقل ڪميشن لاءِ رجسٽريشن شروع ٿي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ مستقل ڪميشن لاءِ رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب 15 اپريل 2026 تي ساڍا 16 کان 21 سالن جي عمر وارا ۽ 17 کان 23 سالن جي عمر وارا حاضر سروس پرڻيل ۽ اڻ پرڻيل نوجوان رجسٽريشن جا اهل هوندا. سندن تعليمي قابليت ايف ايس سي/ او ليول ۾ فزڪس، ميٿ، ڪيميسٽري، ڪمپيوٽر سائنس، اسٽيٽڪس جي سبجيڪٽن سان گڏ 60 سيڪڙو مارڪون هجڻ گهرجن. پري ميڊيڪل ۾ پڙهندڙ شاگرد به درخواستون ڏئي سگهن ٿا. اميدوارن کي پنهنجي تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ ٻين ضروري ڪاغدن سان سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ۾ موجود پاڪستان نيوي سينٽرن سان رابطي جي صلاح ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽwww.joinpaknavy.gov.pk ايڪس تي xpnrectt يا فيس بڪ پئج Pakistan Navy requirement Online تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو. رجسٽريشن جي آخري تاريخ 31 مارچ 2026 مقرر ڪئي وئي آهي.











