ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ  جي ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان جي صدارت ۾ گڏجاڻي

لاڙڪاڻو - 05 مارچ (اي پي پي) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي سوشل پوليٽيڪل ڊومين، ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ونگ ڪمانڊر ڪرنل طلال احمد، ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي توڙي صوبائي کاتن جا عملدارن وڏي انگ موجود هئا. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آغا شير …

لاڙڪاڻو – 05 مارچ (اي پي پي) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي سوشل پوليٽيڪل ڊومين، ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ونگ ڪمانڊر ڪرنل طلال احمد، ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي توڙي صوبائي کاتن جا عملدارن وڏي انگ موجود هئا. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آغا شير زمان چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليس، ايڪسائيز، ڳجهن ادارن جا ضلعي سربراهه، خوراڪ، زراعت، توانائي، ليبر، سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ، اوقاف ۽ زڪوات سميت ٻيا لاڳاپيل کاتا شامل آهن. ڪميٽي جو مقصد غير قانوني ۽ نان ڪسٽم پيڊ شين کي روڪڻ، اينٽي انڪروچمينٽ، غيرقانوني پيٽرول پمپن، غير ملڪي افغانين جي نشاندهي، ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي نظر سميت غير قانوني شين جو خاتمو آڻڻ آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي ميمبرن تي زور ڀريو ته هو صوبائي اپيڪس ڪميٽي پاران ڏنل هدايتن تي عمل ڪندي ڪاررواين ۾ تيزي آڻين، جيئن انهن ڪاررواين جون رپورٽون اپيڪس ڪميٽي ڏانهن موڪلي سگهجن. ان کان علاو عام واهپي وارين شين جو غير قانوني ذخيرو ڪندڙن خلاف قانوني طور ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ به بهتر ۽ جوڳا قدم کنيا وڃن۔ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ رمضان المبارڪ دوران سيڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ،کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن تي ڪنٽرول بابت پڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون.