والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو، پابندين جو سلسلو جاري، مظاهرو ڪندڙن تي طاقت جو وحشياڻو استعمال، ڪيترائي ماڻهو زخمي

 سرينگر -05 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نئين دهلي جي قابض ليفٽيننٽ گورنر منوج سنا جي سربراهي ۾ قائم انتظاميه جي لڳايل ڪرفيو جهڙي پابندين جو سلسلو مسلسل چوٿين ڏينهن به جاري آهي . پابندين جو مقصد ايران تي آمريڪا- اسرائيل جارحيت ۽ ملڪ جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنه اي جي قتل خلاف پرامن احتجاجي مظاهرن کي روڪڻ آهي . ڪشمير ميڊيا …

 سرينگر -05 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نئين دهلي جي قابض ليفٽيننٽ گورنر منوج سنا جي سربراهي ۾ قائم انتظاميه جي لڳايل ڪرفيو جهڙي پابندين جو سلسلو مسلسل چوٿين ڏينهن به جاري آهي . پابندين جو مقصد ايران تي آمريڪا- اسرائيل جارحيت ۽ ملڪ جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنه اي جي قتل خلاف پرامن احتجاجي مظاهرن کي روڪڻ آهي . ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سرينگر ، بارهمولا ، پلوامه ۽ وادي ڪشمير جي ٻين ضلعن ۾ ڀارتي فوج ۽ پيرا ملٽري سينٽرل ريزروپوليس فورس جي اهلڪارن جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي .وڏن روڊن  کي چوڌاري ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيو ويو آهي . شهرن ۾ بڪتر بند گاڏيون گشت ڪري رهيون آهن جنهن سان اتان جي رهواسين ۾ خوف جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي . اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته فورسز مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪيو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا گولا اڇلايا ۽ لاٺي چارج ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا . علائقي ۾ مواصلاتي پابنديون به جاري آهن .