بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي) چين جي قومي عوامي ڪانگريس جو ساليانو اجلاس بيجنگ ۾ شروع ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 14 هين عوامي ڪانگريس جي چوٿين اجلاس جو افتتاح بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ٿيو، شي جن پنگ سميت پارٽي ۽ رياست جي ٻين اڳواڻن افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي اجلاس دوران سڄي ملڪ جي مختلف علائقن ، قوميتن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 2700 کان …
چين جي قومي عوامي ڪانگريس جو ساليانو اجلاس بيجنگ ۾ شروع
بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي) چين جي قومي عوامي ڪانگريس جو ساليانو اجلاس بيجنگ ۾ شروع ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 14 هين عوامي ڪانگريس جي چوٿين اجلاس جو افتتاح بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ٿيو، شي جن پنگ سميت پارٽي ۽ رياست جي ٻين اڳواڻن افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي اجلاس دوران سڄي ملڪ جي مختلف علائقن ، قوميتن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 2700 کان وڌيڪ نمائندن ڪيترن ئي اهم دستاويزن ۽ مسودن تي غور ڪندا. ان ۾ حڪومتي ورڪ رپورٽ جو جائزو، قومي معيشت ۽ سماجي ترقي جي 15هين سالياني منصوبن جي خاڪي جو مسودو، عوامي جهموريه چين جو ماحولياتي ضابطه قانون (مسودو)، عوامي جهموريه چين جي قومي اتحاد اڳڀرائي کي هٿي ڏيڻ جو قانون (مسودو) عوامي جهموريه چين جو قومي ترقياتي منصوبو قانون (مسودو ) شامل آهي. ان کان علاوه سپريم پيپلز ڪورٽ ۽ سپريم پيپلز پروڪيوروٽريٽ جي ورڪ رپورٽس جو جائزو، 2026 ع جي قومي اقتصادي ۽ سماجي ترقياتي منصوبي ۽ مرڪزي ۽ مقامي بجيٽ جي مسودن تي به غور ڪيو ويندو. قومي عوامي ڪانگريس چين جو اعليٰ ترين اختيار رکندڙ ادارو آهي. ان جو مدو پنجن سالن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو هن جو ڪل رڪني اجلاس منعقد ڪيو ويندو آهي.











