واشنگٽن-05 مارچ (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ ميمبرن طرفان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران ۾ فوجي ڪاررواين جي حڪم ڏيڻ جي اختيار تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر طرفان ايران ۾ فوجي ڪاررواين لاءِ ڪانگريس کان منظوري وٺڻ جي قرارداد رد ڪئي وئي. واضح رهي ته جيڪڏهن اها قرارداد ڪامياب ٿي وڃي ها ته آمريڪي فوج کي ان وقت تائين ان …
آمريڪي سينيٽ ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران ۾ فوجي ڪاررواين جو حڪم ڏيڻ جي اختيار تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ناڪام
واشنگٽن-05 مارچ (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ ميمبرن طرفان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران ۾ فوجي ڪاررواين جي حڪم ڏيڻ جي اختيار تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر طرفان ايران ۾ فوجي ڪاررواين لاءِ ڪانگريس کان منظوري وٺڻ جي قرارداد رد ڪئي وئي. واضح رهي ته جيڪڏهن اها قرارداد ڪامياب ٿي وڃي ها ته آمريڪي فوج کي ان وقت تائين ان تڪرار کان پوئتي هٽڻو پوي ها جيساتئين آمريڪي ڪانگريس ان آپريشن جي منظوري نٿي ڏي. سينيٽرن جي اڪثريت ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي حمايت ڪئي ۽ 100 رڪني سينيٽ ۾ ان قرارداد جي حق ۾ 47 جڏهن ته مخالفت ۾ 53 ووٽ پيا ۽ اهڙي طرح اها قرارداد رد ٿي وئي. ڊيموڪريٽڪ ميمبرن جو موقف هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس کي نظرانداز ڪيو ۽ جنگ شروع ڪرڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ٻڌايو.











