گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفارتڪار رفع الدين احمد جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي تقريب منعقد

گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ ڊگهي عرصي تائين خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني اعليٰ عهديدار رفيع الدين احمد جي ياد ۾ منعقد تعزيتي تقريب ۾ سندس خدمتن، عاجزي، اصولن تي ثابت قدمي ۽ گهڻ رخي نظام تي سندس پختي يقين تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. رفيع الدين احمد گذريل سال آخر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو . رفيع الدين احمد گڏيل قومن ۾ ڪيترن ئي اهم …

گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ ڊگهي عرصي تائين خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني اعليٰ عهديدار رفيع الدين احمد جي ياد ۾ منعقد تعزيتي تقريب ۾ سندس خدمتن، عاجزي، اصولن تي ثابت قدمي ۽ گهڻ رخي نظام تي سندس پختي يقين تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. رفيع الدين احمد گذريل سال آخر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو . رفيع الدين احمد گڏيل قومن ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون . جن ۾ سيڪريٽري جنرل جو چيف دي ڪيبينيٽ،  سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل، ٽرسٽيشپ اينڊ دي ڪالونائزيشن ۽ عالمي اقتصادي ۽ سماجي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل  شامل آهن. رفيع الدين احمد گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي ) جو ايسوسي ايٽ ايڊمنسٽريٽر به رهيو. اها تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام ۽ گڏيل قومن جي ڊپارٽمينٽ آف اڪنامڪ اينڊ سوشل افيئرز (ڊي اي ايس اي ) جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مشهور سفارتڪارن، اڳوڻن ساٿين ، سينيئر گڏيل قومن جي اختيارين ، دوستن ۽ ڪٽنب جي ڀاتين شرڪت ڪئي . تقريب جي صدارت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ڪئي . هن رفيع الدين احمد کي ” پاڪستان جو پٽ ۽ دنيا جو شهري “ قرار ڏنو ، شروعاتي لفظ ادا ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته رفع الدين جي لاڏاڻي گڏيل قومن ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ڪيو آهي جنهن کي آساني سان ڀري نٿو ڪري سگهجي . هن وڌيڪ چيو ته عالمي خدمتن تي ٻڌل 50 سالن کان  وڌيڪ عرصي تي ٻڌل ڪيريئر ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اعليٰ معيار قائم ڪيو آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ گهڻي محنت گهربل آهي . هن چيو ته پاڪستان کي رفيع الدين احمد جي ڇڏيل ورثي تي بي حد فخر آهي ڇو ته هن سفارتڪاري ، ڳالهين ۽ امن جي صبر آزما حصول تي ٻڌل خدمتن جو بهترين مثال قائم ڪيو . مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته اها تقريب صرف هڪ عظيم شخصيت کي ياد ڪرڻ لاءِ ناهي، پر هڪ غير معمولي زندگي جو جشن ملهائڻ لاءِ به منعقد ڪئي وئي آهي ته جيئن رفيع الدين احمد جي خدمتن کي ياد رکيو وڃي ۽ کيس ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه بڻائي سگهجي. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ هڪ پريس بريفنگ ۾ سندس خدمتن کي ساراهيندي چيو ته کيس سندس علمي گهرائي ۽ ان ڪوشش لاءِ ياد رکيو ويندو ته گڏيل قومن جو نظام دنيا جي سمورن ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته رفيع الدين هميشه طريقيڪار کان وڌيڪ انسانن کي اهميت ڏيندو هو ۽ نوجوانن ساٿين لاءِ بهترين ٽيم ليڊر هو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي منير اڪرم به رفيع الدين احمد جي خدمتن کي ساراهيو. تقريب دوران رفيع الدين احمد جي زندگي ۽ خدمتن جي اهم لمحن تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.