چين جي پرڏيهي وزير پاران سعودي عرب ۽ يو اي اي جي هم منصبن کي ٽيليفون

بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي) چين سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي چيو آهي ته هو خطي ۾ وڌندڙ  تڪرار ۽ ايران تي قابض اسرائيل - آمريڪا جنگ کي نظر ۾ رکندي ٽياڪڙي لاءِ وچ اوڀر ڏانهن هڪ خصوصي نمائندو موڪليندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته سعودي هم منصب فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهين دوران هن چيو ته چين رياض طرفان ڏيکاريل تحمل …

بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي) چين سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي چيو آهي ته هو خطي ۾ وڌندڙ  تڪرار ۽ ايران تي قابض اسرائيل – آمريڪا جنگ کي نظر ۾ رکندي ٽياڪڙي لاءِ وچ اوڀر ڏانهن هڪ خصوصي نمائندو موڪليندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته سعودي هم منصب فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهين دوران هن چيو ته چين رياض طرفان ڏيکاريل تحمل ۽ تڪرار کي پرامن ذريعي حل ڪرڻ جي عزم جو قدر ڪري ٿو . وانگ يي گڏيل عرب امارات جي هم منصب عبدالله بن زايد النهيان کي ڌار فون ڪال دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تڪرار دوران عام شهرين جي تحفظ جي ريڊ لائن کي پار نه ڪرڻ گهرجي ۽ توانائي جي مرڪز سميت سويلين هدفن کي نشانو نه بڻايو وڃي.