قطر جي وزيراعظم جو ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو، حملا فوري بند ڪرڻ جو مطالبو

دوحه-05 مارچ (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران حملا فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا قطر جي پرڏيهي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته وزيراعظم شيخ محمد ڳالهه ٻولهه دوران ايراني حملا فوري طور تي روڪڻ تي زور ڀريو. شيخ محمد بن عبدالرحمان چيو ته ايران …

دوحه-05 مارچ (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران حملا فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا قطر جي پرڏيهي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته وزيراعظم شيخ محمد ڳالهه ٻولهه دوران ايراني حملا فوري طور تي روڪڻ تي زور ڀريو. شيخ محمد بن عبدالرحمان چيو ته ايران قطر اندر شهري ۽ رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو. پر عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايراني ميزائل حملا آمريڪي مفادن تائين محدود هئا انهن ۾ قطر کي نشانو ناهي بڻايو ويو.